شڌ ڪلياڻ

شڌ ڪلياڻ (راڳ): هيءُ ڪلياڻ ٺاٺ جو هڪ راڳ آهي، جيڪو اوڍو سمپورن راڳ يعني پنجن ۽ ستن سرن جو راڳ آهي. هن راڳ جو وادي سر رکب (ري) ۽ سموادي سر پنچم (پا) آهي. هي راڳ بلمپت لئه ۾ ڳائڻ گھرجي. جيڪڏهن هن راڳ ۾ رکب کي وادي ڪري ڳائبو ته هن راڳ کي ايمن کان اڳ ۾ آلاپڻ گھرجي ۽ جيڪڏهن گنڌار کي وادي ڪري ڳائجي ته ايمن کانپوءِ ڳائڻ گھرجي. ڀوپالي ڪلياڻ ۽ شڌ ڪلياڻ ۾ پنڊت اهڙيءَ ريت فرق بيان ڪن ٿا ته ڀوپاليءَ ۾ ٻه سر مڌم (ما) ۽ نکاد (ني) جا سر ورج آهن. تنهنڪري شڌ ڪلياڻ ڀوپالي ڪلياڻ کان به الڳ ٿي بيهي ٿو. هن راڳ تي به شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سرن جو اثر ملي ٿو. هن راڳ ۾ گنڌار ڪمزور ڪري لڳائبو آهي.
راڳ شڌ ڪلياڻ جي ڪلاسيڪل شڪل (صورت):
آروهي: سا-ري-گي-پا-ڌي-سا
آمروهي: سا-ني-ڌي-پا-مي-گي-ري-سا
راڳ سڌ ڪلياڻ جو ڪلاسيڪل چالو:
گي-ري-سا-سا-ري-سا-ري-سا-گي-ري-گي-ري-سا
سا-ري-سا-ني-ڌي-پا-سا-گي-ري-گي-ري-سا
سا-ري-گي-پا-گي-پا-گي-ري-سا-گي-ري-پا-گي-ري-گي-پا-ري-گي-ري-سا
پا-گي-ري-گي-ري-سا-ڌي-ري-سا-ڌي-پا-سا-ڌي-سا-گي-گي-ري-سا-ري-گي-ري-سا
پا-پا-سا-ڌي-سا-سا-ري-سا-سا-ري-ري-ري-گي-ري-ڌي-ري-سا-ڌي-پاگي-ري-پا-ري-سا
گي-پا-سا-سا-ري-گي-ري-سا-ري-ري-سا-ني-ڌي-ني-ڌي-پا-گي-گي-پا-ڌي-ري-سا-ني-ڌي-پا-پا-گي-سا-ري-گي-پا-سا-ڌي-ري-ري-سا-گي-ري-پا-گي-پا-سا-ڌي-پا-گي-پا-گي-ري-سا.


لفظ شڌ ڪلياڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو